ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف

ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه بابت صلاحڪار بئريسٽر سيف الله چيو آهي ته ڪرم ۾ بنڪر ڊاهڻ ۽ هٿيار جمع ڪرائڻ کانپوءِ رستا مڪمل کوليا ويندا.هڪ بيان ۾ بئريسٽر سيف الله چيو ته ايپڪس ڪميٽي جي فيصلي جي روشني ۾ ضلعي ڪرم کي هٿيارن کان آزاد ڪيو ويندو. ڪرم ۾ روڊن جي بندش سبب عوام کي درپيش مشڪلاتن کان آگاهه ڪري ضلعي ۾ بنڪر ڊاهڻ سان پائيدار امن کي يقيني بڻايو ويندو.هن چيو ته امن معاهدي کانپوءِ معمول جي زندگي بحال ٿيندي، بنڪر ڊاهڻ ۽ هٿيارن جي حوالي ڪرڻ بعد رستا مڪمل طور کوليا ويندا.بئريسٽر سيف الله چيو ته حڪومت ڪرم ۾ پائيدار امن چاهي ٿي، ڪجهه عنصر ڪرم ۾ پائيدار امن جا دشمن آهن. ڪجهه عنصر ڪرم سان لاڳاپيل سوشل ميڊيا تي بي بنياد پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، ڪجهه عنصر صوبائي حڪومت جي مخلصانه ڪوششن کي غلط بياني ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو