ڪرم تڪرار،ڪوهاٽ گرينڊ جرگهي ۾ اهم اڳڀرائي،معاهدي تي صحيح

ڪرم تڪرار،ڪوهاٽ گرينڊ جرگهي ۾ اهم اڳڀرائي،معاهدي تي صحيح

ڪرم (ويب ڊيسڪ)ڪرم ۾ ٻن قبيلن وچ ۾ تڪرار جي پرامن حل لاءِ ڪوهاٽ ۾ ٿيل گرينڊ جرڳي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.ٻڌايو پيو وڃي ته گذريل ڏينهن ڪوهاٽ قلعي ۾ ٿيل گرينڊ امن جرگيءَ ۾ پارٽين وچ ۾ معاهدو تقريباً طئي ٿي ويو آهي.تجويز ڪيل معاهدي موجب ٻنهي ڌرين حڪومت کي ڳري هٿيار ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي.هاڻي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪوهاٽ گرينڊ جرڳي ۾ اڳواڻن دستخط ڪري ڇڏيا آهن، هڪ طرف کان ڪجهه ماڻهو اڄ دستخط ڪندا جڏهن ته جرگهو اڄ ڪمشنر ڪوهاٽ آفيس ۾ حتمي فيصلي جو اعلان ڪندو.پارا چنار پشاور مين هاءِ وي ۽ اپر ڪرم روڊ اڍائي مهينن کان بند آهي ۽ اپر ڪرم کي هر قسم جي سپلاءِ معطل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو