ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي احسن آباد مان 19 ورهين جي نوجوان کي ڪار سميت اغوا ڪيو ويو.ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته اغوا ڪندڙ گهرڀاتين کي ڪار مان لاهي نوجوان کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته مبينا اغوا ڪندڙن پلاٽ جي خريداري لاءِ متاثرن سان رابطو ڪيو هو.اغوا ٿيل نينگر جي چاچي عبدالله ميڊيا سان سان ڳالهائيندي چيو ته ڀائٽي کي 2 ڄڻا اغوا ڪري ويا آهن،عبدالله جو چوڻ آهي ته ڪار منهنجي ڀائٽي جو دوست هلائي رهيو هو، جوابدار پهريان ڊرائيور کي بندوق جي زور تي هيٺ لاٿو، پوءِ جوابدار جمالي پل وٽ منهنجي ڀيڻ کي هيٺ لاٿو.هن چيو ته جوابدار منهنجي ڀائٽي سميت گاڏي سميت فرار ٿي ويا، ڀائٽيو او ليول جو شاگرد آهي.










