ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي برنس روڊ تي ڦر جي واقعي دوران ڪار ڊرائيور جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا. فائرنگ ۾ هڪ جوابدار پڻ زخمي ٿي پيو، جنهن کي پوليس گرفتار ڪري سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي جوابدار جو علاج ڪيو پيو وڃي. ڊي آءِ جي ڏکڻ چيو ته گشت تي موجود اهلڪارن شهرين سان گڏجي ڦرلٽ ڪئي.










