ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڀتا خوري ۽ پرچي جو نظام ڪم ڪري رهيو هو پر نواز شريف ادارن ۽ صوبائي حڪومت سان گڏجي لاقانونيت ختم ڪئي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته ڪراچي روشنين جو شهر آهي، ان جي پنهنجي تاريخ آهي، ڪراچي ۾ لکين ماڻهو ڪم ڪن ٿا ۽ هتان اربين ڊالر ڪمايا وڃن ٿا، هن شهر کي پاڪستان جو گيٽ وي چيو وڃي ٿو. هتي لکين ماڻهن کي روزگار ملي ٿو، ڪراچي جا صنعتڪار، واپاري ۽ سيڙپڪار حلال ڪمائي مان ٽيڪس ادا ڪن ٿا.هن چيو ته ڪراچي ۾ ڀتا خوري ۽ ڦرلٽ جو نظام هو، وڏا صنعتڪار هن شهر کي خدا حافظ سڏي رهيا هئا، 1993ع ۾ ڪراچي جو امن تباهه ڪيو ويو پر نواز شريف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ صوبائي حڪومت سان گڏجي لاقانونيت جو خاتمو ڪيو، اهو سونهري ڪارنامو انجام ڏيندو. تاريخ ۾ ياد رکيو وڃي ته هن شهر مان ڀتا خوري ۽ ڦرلٽ جو نظام ختم ڪيو.روزگار ۽ ڪاروبار جو ڦيٿو تيزيءَ سان ڦرڻ لڳو.ن ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته شهر ۾ پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ پاڻي جي منصوبن لاءِ اربين رپيا ڏنا ويا آهن پر جيڪڏهن نواز شريف جو اقتدار ڌانڌلي ذريعي نه هٽايو وڃي ها ته ڪراچي-حيدرآباد موٽر وي منصوبو مڪمل ٿي وڃي ها.شهباز شريف چيو ته (ن) ليگ نواز شريف جي قيادت ۾ چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺندي، اسان جو منشور سڄي قوم آڏو پيش ڪرڻ وارو آهي، سڀ کان پهرين اسان کي نوجوانن کي مهارتون ڏيارڻون آهن، اسان جو مقصد اهو آهي ته سنڌ جي عوام کي ترقي ڏيارڻ آهي. بيروزگاري گهٽائڻ جو پروگرام قوم جي سامهون ايندو، انهن منصوبن کي اڳتي وڌائينداسين.اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته شهر مان ٽينڪر مافيا جو به خاتمو آندو ويندو، جيڪو شهر سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪري ٿو اهو پاڻي کان محروم آهي، پبلڪ ٽرانسپورٽ معاشي ترقي جي ريڑھ جي هڏي آهي، اسڪول، ڪاليج ۽ صحت جو نظام آهي، اسان ڪم ڪنداسين. گذريل 4 سالن ۾ سماج ۾ جيڪو زهر ملايو ويو آهي ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪيون وينديون.










