ڪراچي واسين کي نيپرا جو جهٽڪو، بجلي مهانگي

ڪراچي واسين کي نيپرا جو جهٽڪو، بجلي مهانگي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي ۾ صارفين لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.نيپرا ڪراچي لاءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي حڪومتي درخواست منظور ڪندي بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 72 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.نيپرا طرفان اها منظوري گذريل مالي سال جي ٻئي ۽ ٽئين ٽه ماهي جي ايڊجسٽمينٽ جي لاءِ ڏني وئي آهي، جنهن موجب جنوري کان مارچ 2023ع جي ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ ۾ هڪ ارب 50 ڪروڙ رپيا اضافي جي منظوري ڏني وئي آهي.نيپرا جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته واڌ جي منظوري سڄي ملڪ ۾ بجلي جي قيمتن ۾ هڪجهڙائي برقرار رکڻ لاءِ ڏني وئي جڏهن ته بجلي صارفين کان وصولي جنوري، فيبروري ۽ مارچ 2024 ۾ ڪئي وڃي. نيپرا فيصلو نوٽيفڪيشن لاءِ وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو