ڪراچي جي عوام کي بهتر سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو

ڪراچي جي عوام کي بهتر سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ميئر ڪراچي ۽ چيئرمين ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي صدارت هيٺ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي بورڊ جو پهريون اجلاس چيئرمين سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي محمد سليم راجپوت، سي اي او واٽر ڪارپوريشن سيد صلاح الدين احمد، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ منظور علي شيخ، سيڪريٽري پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ محمد اصغر ميمڻ، سيڪريٽري بورڊ زهرا دستگير سميت عبدالڪبير قاضي، ڊاڪٽر سروش حشمت لوڌي، پروفيسر ڊاڪٽر هما ناز، تنزيل پيرزاده، ظفر سوباڻي ۽ مهوش شرڪت ڪئي، اجلاس دوران بورڊ جي ميمبرن ان عزم جو اظهار ڪيو تہ واٽر ڪارپوريشن ايڪٽ ۾ ڏنل بورڊ جي ڪمن ۽ اختيارن موجب نئين ٺهندڙ ڪارپوريشن انتظاميا جي پوري محنت سان نگراني ڪئي ويندي، ان موقعي تي هنن ان عزم جو بہ اظهار پڻ ڪيو تہ ڪراچي جي عوام کي بهتر سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، ان مقصد لاءِ فيصلو ڪيو ويو تہ بورڊ کي فعال رکڻ لاء مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو اجلاس منعقد ڪيو ويندو، ان کان علاوه، بورڊ پاران ڪارپوريشن جي موثر انتظام لاءِ مالي، ٽيڪنيڪل ۽ مشاورتي ڪميٽيون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان ڏس ۾ اي اينڊ ايف ڪميٽي لاءِ ظفر سبحاني کي ڪنوينر ۽ تنزيل پيرزاده کي فنانس سيڪريٽري ۽ ميمبر نامزد ڪيو ويو، ايڇ آر ڪميٽي لاءِ عبدالڪبير قاضي کي ڪنوينر، سروش لوڌي ڊي جي ڪچي کي ميمبر نامزد ڪيو ويو، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، ڪمشنر ڪراچي، سيڪريٽري پي اينڊ ڊي، سروش لوڌي ۽ تنزيل پيرزاده کي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڪميٽي جا ميمبر نامزد ڪيو ويو، ان کان علاوه ڪارپوريشن جي ڊولپمينٽ پورٽ فوليو جي اهميت کي نظر ۾ رکندي اهو به فيصلو ڪيو ويو تہ واٽر ڪارپوريشن پاران شروع ڪيل ترقياتي منصوبن جهڙوڪ ڪي فور، حب ڪئنال جي اپ گريڊيشن، ڊي سيلينيشن ۽ ويسٽ واٽر ريسائيڪلنگ منصوبن تي خاص ڌيان ڏيڻ لاءِ ھڪ خاص ڪميٽي پڻ جوڙي ويندي ۽ اھيا هدايت ڪئي وئي تہ ڪميٽي ھر وقت بورڊ کي انهن ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي بابت آگاھ ڪندو رھي تہ جيئن ان جي بروقت مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻايو وڃي، ان موقعي تي بورڊ ڪارپوريشن پاران پاڻي جي دستيابي کي وڌائڻ ۽ ڪارپوريشن جي آمدني ۾ واڌاري لاءِ ڪيل ڪوششن کي پڻ ساراهيو، جنهن ذريعي سڄي شهر ۾ غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ھڪ مؤثر آپريشن ڪيو ويو آهي، سي اي او واٽر ڪارپوريشن پاران بورڊ کي ٻڌايو تہ ان ڳالھ کي يقيني بڻايو ويو آهي ته انهن غير قانوني سرگرمين ۾ گرفتار ٿيلن کي عدالتن مان ضمانت نہ ڏني وڃي، ان کان علاوه، واٽر ڪارپوريشن ايڪٽ 2023 تحت انهن ڏوهن جي جاچ لاءِ باضابطا طور تي ٽربيونل قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪيس مڪيو ويو آهي، بورڊ پاران ان عمل کي سنجيدگي سان ڪرڻ تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن کي ڪوششن ۽ ڪاوشن کي پن ساراهيو، اجلاس ۾ وڌيڪ هدايت ڪئي وئي تہ غير قانوني هائيڊرنٽس ۽ ٽينڪر مافيا خلاف هلندڙ آپريشن جو فائدو عام ماڻهن تائين پهچايو وڃي تہ جيئن پاڻي جي مناسب فراهمي کي يقيني بڻائي سگھجي، ان مقصد لاءِ شهر ۾ واٽر ڊسپينسنگ پوائنٽس وڌائڻ لاءِ هڪ جامع فارميٽ تيار ڪري 7 ڏينهن اندر غور لاءِ بورڊ کي پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ويئي تہ جيئن عوام تائين پاڻي جي پهچ ۾ وڌيڪ اضافو ڪري سگھجي، بورڊ پاران واٽر ڪارپوريشن کي موجوده پاڻي جو غلط استعمال ڪندڙ ادارن خلاف سخت ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو ۽ هدايت ڪئي وئي تہ پاڪستان اسٽيل ملز کي صرف ايترو پاڻي فراهم ڪيو وڃي جيڪو انهن جي آپريشنل ۽ تنظيمي ضرورتن لاءِ ضروري هجي، اجلاس ۾ بورڊ هيڊ هنٽنگ فرم پاران شارٽ لسٽ ڪيل اميدوارن تي بہ غور ڪيو ۽ ڪارپوريشن اندر اهم انتظامي عهدن کي ڀرڻ لاءِ ايڇ آر ڪميٽي کي سفارش ڪئي، جنهن ۾ سي آئي اي، سي ايف او ۽ بورڊ سيڪريٽري جي پوسٽن لاءِ ايڇ آر ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏني وئي ۽ انهن کي آفر ليٽر موڪلڻ جي هدايت ڪئي وئي جڏهن ته سي آئي ٽي او جي پوسٽ تي ٻيهر اشتهار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، بورڊ جو پهريون اجلاس ان هدايت تي پڄاڻي تي پهتو تہ واٽر ڪارپوريشن جي سال 2023-24 جي بجيٽ ايندڙ اجلاس ۾ غور لاءِ پيش ڪئي ويندي جڏهن تہ اي اينڊ ايف بابت ڪميٽي کي بجيٽ دستاويز جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي تہ پنھنجون سفارشون 31 آڪٽوبر 2023 تي بورڊ جي ٿيڻ واري اجلاس ۾ پيش ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو