ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هاڪس بي ويجهو ٻن سڳن ڀائرن سميت 3 ڄڻا ٻڏي ويا، ڪراچي ۾ هاڪس بي ويجهو ٻن سڳن ڀائرن سميت 3 ڄڻا سمنڊ ۾ ٻڏي ويا ايڌي جي ريسڪيو ٽيم پاران هڪ ڄڻي کي بچايو ويو، 2 سڳن ڀائرن جا لاش ڪڍيا ويا، فوتي ڀائرن جي سڃاڻپ نعمان ولد عبدالعظيم ۽ فرحان ولد عبدالعظيم طور ٿي،بيهوشي جي حالت ۾ سمنڊ مان ڪڍيل طلحه ولد اعظم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو










