ڪابينا ۾ واڌ ۽ ڦير ڦار، وزيراعظم مشاورت مڪمل ڪري ورتي

ڪابينا ۾ واڌ ۽ ڦير ڦار، وزيراعظم مشاورت مڪمل ڪري ورتي

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي توسيع ۽ ڦيرڦار بابت ضروري مشاورت مڪمل ڪري ورتي.وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي توسيع ۽ ڦيرڦار بابت ضروري مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ اميد آهي ته ان حوالي سان فيصلي تي ايندڙ مهيني عملدرآمد ڪيو ويندو.معتبر حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد ۽ صدر ميان نواز شريف سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ هن حڪومت جي اتحادي پارٽين جي قيادت کي به اعتماد ۾ ورتو آهي.ڪابينا ۾ سڀ کان اهم اضافو وزيراعظم جو اڳوڻو پرنسپل سيڪريٽري ڊاڪٽر سيد توقير شاهه هوندو، جيڪو هن وقت ورلڊ بئنڪ ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آهي. کيس گذريل سال نومبر ۾ چئن سالن لاءِ ان عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو ۽ اڳوڻي نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ سندس استعيفيٰ قبول ڪندي کيس واشنگٽن ۾ بئنڪ جي چارج سنڀالڻ جي اجازت ڏني هئي، کيس اڳ ئي وزيراعظم شهباز شريف مقرر ڪيو هو.ٻڌايو پيو وڃي ته وزيراعظم ڪجهه هفتا اڳ کيس وطن واپسي ۽ وفاقي ڪابينا جو حصو بڻائڻ جي دعوت ڏني هئي، جنهن کي هن قبول ڪري ورتو آهي، هو هاڻي وفاقي ڪابينا ۾ مڪمل وزير جو عهدو سنڀاليندو

پهنجو تبصرو موڪليو