کاڌي پيتي جي ڪاروبار سان لاڳاپيل ماڻهون ٽيسٽ ڪرائين

کاڌي پيتي جي ڪاروبار سان لاڳاپيل ماڻهون ٽيسٽ ڪرائين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) کاڌي پيتي جي ڪاروبار سان لاڳاپيل ماڻهن جي خون جي ٽيسٽن لاءِ سنڌ فوڊ اٿارٽي سينٽرل بلڊ ٽيسٽنگ ليب جو ڪم شروع ڪرڻ لاءِ عمارت جي حوالگي لاءِ ڪي ايم سي ۽ سنڌ فوڊ اتھارٹی جي وچ ۾ هڪ مفاهمتي ياداشت تي جلد صحيحون ڪيون وينديون. هي ليب ايم سي جي غير فعال سينٽرلائزڊ بل بئنڪ جي احاطي ۾ قائم ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار ڊائريڪٽر جنرل سِنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين، سينيئر ڊائريڪٽر ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سروسز ڪي ايم سي آفيس جي دوري دوران ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل سِنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين ٻڌايو ته رڳو ڪراچي ۾ کاڌي پيتي جي شين جي ڪاروبار سان لاڳاپيل تقريبن 10 لک ۽ مختلف بيمارين جي لاءِ خون جي ٽيسٽ ڪرائڻ ضروري آهي. مجوزه ليب سنڌ صوبي جي فوڊ هينڊلرز لاءِ رعايتي فيس سان خون جي جانچ جي سهولت فراهم ڪندي. هن اميد ظاهر ڪئي وئي ته اها ڊيٽا وفاقي حڪومت لاءِ به مددگار ثابت ٿيندي جيڪو فوڊ هينڊلرز جي حوالي سان سمورن صوبن مان جمع ڪرڻ واري پروگرام تي به ڪم ڪري رهي آهي. رت ٽيسٽ ڪرائيندڙ فوڊ هينڊلرز پوري ملڪ ۾ ملازمت حاصل ڪرڻ جا اهل ٿيندا. ان موقعي تي ڊائريڪٽر فنانس سنڌ فوڊ اٿارٽي مسعود ڀٽو ۽ ٻيا موجود هئا. ان کانسواءِ ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين ڪي ايم سي جي آفيسرن سان گڏ پيپلز چورنگي تي واقع ڊائريڪٽر هيلٿ ڪي ايم سي جي عمارت ۾ موجود مجوزه ليب جو دورو پڻ ڪيو ۽ اهو طئي ٿيو ته عمارت مان غير ضروري سامان ڪڍرايو وڃي، جلد هي عمارت سنڌ فوڊ اٿارٽي جي حوالي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو