اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته ڏوهن جي روڪٿام لاءِ ايف آءِ اي کي ايف بي آءِ جي طرز تي متحرڪ ڪرڻ چاهيون ٿا.آمريڪي بيورو آف انٽرنيشنل نارڪوٽڪس اينڊ لا انفورسمينٽ افيئرز جي وفد محسن نقوي سان ملاقات ڪئي.وفد ۾ آمريڪي نائب سفير نٽالي بيڪر، آءِ اين ايل جي ڪنٽري ڊائريڪٽر لين نيلسن، پوليس ايڊوائيزر ايڊ پريسٽن ۽ پوليس پروگرام اسپيشلسٽ فيصل گل شامل هئا.ملاقات دوران محسن نقوي چيو ته آءِ اين ايل پاڪستان جي پوليس ۽ پيرا ملٽري فورسز جي صلاحيت وڌائڻ ۾ تعاون ڪري رهي آهي، ان حوالي سان ڪيترن ئي اهم منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، جيڪو ساراهه جوڳو آهي. اسان چاهيون ٿا ته هي تعاون وڌيڪ ترقي يافته ۽ پائيدار بنيادن تي تعمير ڪيو وڃي.هن چيو ته ماسٽر پلان تحت سڀ کان پهرين اهم منصوبن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.گهرو وزير وڌيڪ چيو ته ايف آءِ اي پاڪستان جو اهم ترين جاچ ادارو آهي، اسان چاهيون ٿا ته ايف آءِ اي جي طرز تي آءِ اين ايل جي مدد سان، هي منصوبو پاڪستان ۾ ڏوهن جي خاتمي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل منصوبو هوندو هن چيو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي کي عالمي معيار جي اڪيڊمي بڻائڻ لاءِ ان جي بحالي ضروري آهي.محسن نقوي چيو ته فرنٽيئر ڪانسٽيبلري سڄي پاڪستان ۾ ريزرو پوليس جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ان فورس کي جديد بنيادن تي ترقي ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. انهن سڀني معاملن ۾ اسان لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه آمريڪا جي تجربي کي استعمال ڪرڻ آهي.هن چيو ته منشيات جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.










