بدنام ڌاڙيل جهنگل ۽ جانو تيغاڻي مارجي ويا، پوليس لاءِ 50 لک جو انعام

شڪارپور (ن سنڌيار)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻن بدنام ڌاڙيلن کي مارڻ تي شڪارپور پوليس کي شاباش ڏيندي 50 لک روپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جهنگ تيغاڻي تي 36 ۽ جان محمد تيغاڻي تي 21 ايف آءِ آرز داخل هيون. پوليس ٽن اهلڪارن جي شهادت جو نيٺ پلاند وٺي ڇڏيو، پوليس پاران ڪرمپور ڀرسان مقابلي دوران بدنام ڌاڙيل جهنگل تيغاڻي هڪ ساٿي سوڌو مارڻ جي دعويٰ، پوليس جو چوڻ آهي ته ڳڙهي ياسين ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ 2 ڌاڙيلن جي مارجڻ جي پلاند ۾ هٿياربندن چوڪي تي حملو ڪيو، پوليس جي جوابي ڪارروائي بعد مقابلو ٿيو، مقابلي ۾ ڌاڙيل جهنگل تيغاڻي ۽ سندس ساٿي مارجي ويا، ٻيا ڌاڙيل فرار ٿي ويا، جهنگل تيغاڻي جي سِر تي 50 لک رُپيا انعام رکيل هو، ڌاڙيل جهنگل تيغاڻي ڊي ايس پي رائو شفيع الله سوڌو ٽن اهلڪارن کي شهيد ڪيو هو. مارجي ويل ڌاڙيلن جا لاش اسپتال ۾ پيل آھن، ڪو بھ وارث نھ پھتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو