ڊرينيج جو ناڪارا نظام بهتر ڪريو، احتجاج جاري

خيرپور ناٿن شاهه(رپورٽ. برڪت علي چانڊيو ) ۾  ٻئي ڏينهن به شهري آرگنائيزنگ ڪاميٽي پاران شھر جي  صفائي نه ڪرائڻ ,روڊ ناليون نه ٺھرائڻ  ,ڊرينيج سسٽم ناڪارا هجڻ خلاف شھري آرگنائزنگ ڪاميٽي جي ڪنوينر غلام محمد گاڏھي,عوامي تحريڪ  غلام حيدر ملاح, سائين نور محمد مشوري ,پورهيت مزاحمت  اسد نظام چانڊيو, رستم چانڊيو ,ايس ٽي پي اڳواڻ  سڪندر کوکر ,محبوب لاکير ,عوامي پورهيت تحريڪ عاقب چانڊيو, عوامي ورڪرز پار ٽي معشوق چانڊيو ,ارسلان چانڊيو, طبقاتي جدوجهد منظر چانڊيو,ايس يو پي  راحب کوسو ,سپاف  ستار چانڊيو سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن ۽  شهرين ڪميونٽي سينٽر اڳيان علامتي بک ھڙتال ڪئي,وڌيڪ  اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته ڪي اين شاه شهر 11 وارڊن تي ٻڌل آهي ، جنهن جي صفائي آساني سان ڪري سگهجي ٿي ، پر هي نا اهل انتظاميه صفائي ڪرائڻ لاء تيار نظر نٿي اچي. شهري  آرگنائزنگ ڪميٽي سي ايم او انتظاميه کان ۽ پبلڪ هيلٿ انجيئنر کان اهي مطالبا ٿي ڪري ته شهر جي 11 ئي وارڊن تي صفائي ڪندڙ جمعدار ۽ عملي جا نالا ۽ فون نمبر هر وارڊ جي چوڪ تي هنيا وڃن، جيئن شهر جي وارڊ واسين کي صفائي عملي جي خبر پئجي سگهي.. شهر جي مين نالن جي صفائي ڪري، پاڻي جي نيڪالي کي آسان ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو