چڪ جهمرا (ويب ڊيسڪ)چڪ جهمرا ۾ ريلوي ٽريڪٽر ٽرالي ريلوي ٽريڪ تي ڦاسي پوڻ سان ٽرين جو حادثو پيش آيو،ريلوي ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثو چوٽي گھرتل ڳوٺ جي ويجهو ڪڇي ڦاٽڪ تي پيش آيو، ريلوي ترجمان جو چوڻ آهي ته شاليمار ايڪسپريس جون 15 بوگيون، جن ۾ انجن به شامل آهي، پٽڙي تان لهي ويون ۽ حادثي ۾ 4 ماڻهو معمولي زخمي ٿيا، ترجمان جو چوڻ آهي ته حادثي واري هنڌ تي بحالي جو ڪم جاري آهي، ۽ ٽرين جي آمدورفت بحال ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو،اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته جڏهن ٽرين ويجهو آئي ته ڊرائيور ٽرالي کي الڳ ڪري ٽريڪٽر سميت ڀڄي ويو.










