حيدرآباد(ن س) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس فائز عيسي کي سنڌ سان ناانصافين، ڪرپشن ۽ غير قانوني پرڏيھين جو نوٽيس وٺڻ گھرجي. اياز لطيف پليجي چيف جسٽس فائزه عيسي پاران عھدو سنڀالڻ تي چيو آھي تہ افسوس آھي جو عدل جي ايوانن سنڌ سان ناانصافين کي نظرانداز ڪيو ھاڻ اميد آھي تہ چيف جسٽس فائز عيسي سنڌو درياھ تي لڳندڙ ڌاڙن جو نوٽيس وٺندو ۽ سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏياريندو.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ھر کاتي ۾ ڪرپشن آھي، جنھنڪري عوام لاءِ بنيل اداره بي فائده بنيل آھن. حڪمران طبقي جا ماڻھو پنھنجي معمولي بيماري جو علاج بہ ٻاھرين ملڪن ۾ وڃي ڪرائين ٿا پر سنڌ جي ڪراچي کي ڇڏي باقي شھرن جي اسپتالن ۾ غير معياري دوائون، ڊاڪٽرن جي کوٽ، گندگي جو آزار ۽ بھتر ٽيسٽون نہ ھجڻ وارو مسئلو آھي، اسپتالن جي ايندڙ بجيٽ بہ ھڙپ ٿي وڃي ٿون ساڳي حالت تعليمي ادارن جي آھي، جنھن ڪري پئسي وارا ماڻھو پنھنجن ٻارن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا. سنڌ جي 18 ضلعن جا ماڻھو گٽر جو مليل پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن. سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن ڌاڙيلن جي حوالي آھن، سنڌ جو ھر شھر منشيات جو ڳڙھ بنيل آھي. رستا ٽٽل آھن. شھر ڪچري جو ڍير ۽ ٻھراڙيون کنڊر بنيل آھن. سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي. ميرٽ کي تباھ ويو آھي. نوڪريون وڪرو ٿين ٿيون. سرڪاري آفيسرن جون بدليون بہ پئسن تي ٿين ٿيون. پيپلز پارٽي جا وزير ۽ وڏيرا حڪومت ختم ٿيڻ باوجود حڪومتي نظام تي اثرانداز آھي، اھي سرڪاري اسڪيمن جا غير قانوني افتتاح ڪري ايندڙ اليڪشن تي اثرانداز ٿي رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي راڄ ڌاني ۾.لکين غير قانوني افغاني آھن، سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود غير قانوني پرڏيھين کي واپس پنھنجي ملڪن ڏانھن نٿو موڪليو وڃي.چيف جسٽس عدالت جي حڪم تي عمل ڪرائي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ زرعي صوبو آھي ان باوجود ھتي ناجائز ذخيره اندوزي جي ڪري اٽي سميت کاڌي پيتي جي ھر شئي مھانگي ڪئي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ عوام کي دولت لٽيندڙ ۽ اربين روپين جي ڪرپشن ڪندڙ وزيرن ۽ ڪامورن کي گرفتار ڪري انھن کان حساب ورتو وڃي. اميد تہ چيف جسٽس فائز عيسي سنڌ ۾ بيڊگورننس، ڪرپشن، پاڻي جي ھٿرادو کوٽ، زرعي تباھي، غير قانوني پرڏيھين، ڌاڙيل راڄ، نوجوانن ۽ نياڻين جي قتلن جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو ويندو.










