’چور دروازي کان آيل حساب پيا گهرن، اوهان 3 سالن ۾ ڇا ڪيو؟‘

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت اسان کان حساب گهري رهي آهي جيڪا پاڻ چور دروازي مان اقتدار ۾ آئي آهي ، اها چوي ٿي ته 18 ارب رپيا سنڌ حڪومت کي ٽن سالن ۾ مليا آهن ان جو حساب ڏنو وڃي. آئون کين چوان ٿو ته سنڌ جي ماڻهن 9 هزار رپيا انهن کي ڏنا آهن پهرين ان جو ته حساب ڏيو. گذريل ٽن سالن ۾ وفاق 370 ارب رپيا سنڌ کي گهٽ ڏنا آهن. اڳوڻي حڪومت ٽيڪس جي مد ۾ جيڪي ريونيو گڏ ڪيو انهيءَ سان هيءَ نه ڀيٽي سگهيا آهن. سنڌ حڪومت صوبي جي عوام کي پنهنجو حساب ڏيندي. اهڙن خيالن جو اظهار سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي ضلع اوڀر ۾ احسن آباد ۾ هڪ کُلي ڪچهري کي خطاب ڪندي ڪيو. عوام کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻه مهينا اڳ سنڌ ڪابينا کي هدايت ڪئي هئي ته عوام جا مسئلا کين عوام جي چانئٺ تي حل ڪيا وڃن، وچ ۾ ڪورونا سبب اسان پنهنجيون سرگرميون محدود ڪيون پر سنڌ حڪومت شروع کان ئي ڪورونا کي سنجيدگي سان ورتو آهي، سنڌ جي عوام ڪورونا وائرس جي مسئلي تي اسان جو ساٿ ڏنو، ڪراچي ۾ ڪورونا جي شرح 25 کان گهٽجي 10 سيڪڙو تائين اچي وئي آهي. هن چيو ته ڪورونا جي چوٿين لهر ۾ جڏهن ڪيسن جو انگ وڌيو ته اسان ڪجهه سختيون ڪيون، هاڻي هن وائرس سان گڏ رهندي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي ۽ پهرين کُلي ڪچهري لاءِ ضلعي اوڀر کي چونڊيو آهي.

CM Open Kachahery

خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي ووٽن ذريعي چونڊجي آئي آهي تنهنڪري اسان عوام جي مسئلن کان چڱي ريت واقف آهيون ۽ سنڌ حڪومت جا وزير عوام سان سڌو سنئون رابطي ۾ رهن ٿا. ڪورونا هوندي به سنڌ حڪومت عوام جي مسئلن تي ڌيان ڏئي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جڏهن کان پيپلز پارٽي وجود ۾ آئي تڏهن کان سنڌ ۾ اسان عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي آهي. مراد علي شاهه چيو ته سڀني چونڊن ۾ اسان سيٽيون کٽيون آهن جڏهن ته گذريل ٽن سالن ۾ وفاقي حڪومت عوام کي ڇا ڏنو آهي؟ ٽن سالن ۾ اٽو، چانور، داليون، کنڊ ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ اضافو ٿيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جن ٽن سالن ۾ ھن ملڪ ۾ تباھي مچائي انهن وڏيون ڳالھيون ڪيون. عوام ٻڌائي ته گذريل ٽن سالن ۾ کين وفاقي حڪومت فائدو ڏنو آهي؟ ٽن سالن اندر روزاني ڪم ايندڙ شين جي اگهن کي بلندين تائين پهچايو آهي. هن چيو ته وفاق جو ڪردار پئسو گڏ ڪرڻ ۽ صوبن کي وسيلا فراهم ڪرڻ آهي. گذريل ٽن سالن ۾ وفاق سنڌ کي 370 ارب رپيا گهٽ ڏنا آهن. گذريل حڪومت پاران ٽيڪس جي مد ۾ گڏ ڪيل آمدني ان سان نٿي ملي. هن پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان 10 ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر لکن جي تعداد ۾ عوام کي بيروزگار ڪيو ويو.  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان سليڪٽڊ ناهيون جو مسئلن جي ڄاڻ نه هجي، سنڌ کي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو وڌي رهيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت نوڪريون ڏيڻ بدران هزارين ملازمن کي ڪڍيو، وفاقي حڪومت اسٽيل مل جي ملازمن کي ڪڍيو، اسان کي وفاق کان 370 ارب رپيا گهٽ مليا. سيد مراد علي شاهه چيو ته هو سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ کُلي ڪچهري لڳائيندو، گذريل ٽن سالن جو هيءَ اسان کان حساب گهري رهيا آهن. هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ بدران عوام کي بيروزگار ڪري رهيا آهن.  هن چيو ته وفاقي حڪومت 11 کاتن جي 25 هزار ملازمن کي ڪڍيو جن کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو نوڪريون ڏنيون ۽ اڄ 12 سالن کانپوءِ انهن سڀني کاتن جي ملازمن کي ڪڍيو پيو وڃي.  چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايتن تي انهن سڀني کاتن جي ملازمن کي بهترين وڪيل ڏينداسون ته جيئن اهي پنهنجو انصاف وٺي سگھن. وڏي وزير چيو ته ڪراچي لاءِ وڏو منصوبو جوڙڻ لاءِ 2000 ارب ڊالر گهربل آهن. هن چيو ته سنڌ صوبي لاءِ جيڪو ڪم ڪرڻ گهري ٿو اسان تنهن کي نه جهليداسين، مڪاني کاتن ۾ 64 ارب رپين جون 134 اسڪيمون هلندڙ آهن، شهر ۾ پل ۽ انڊرپاسن جو ڄار وڇايو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته شهر ۾ پارڪس ۽ پاڻي جون لائينون وڌيون ويون آهن، اسان کي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته گذريل ٽن سالن ۾ اسان ڪيتريون ئي اسڪيمون ٺاهيون آهن جنهن سان اسان جي ڪارڪردگي پرکي سگهجي ٿو ته اسان ڪيترا فلائي اوور ۽ انڊر پاس ٺاهيا آهن. شهر جي سڀني رستن تي پاڻي جي نيڪالي واريون لائينون وڇايون ويون. ضلع اوڀر ۽ اولهه کي ڳنڍڻ لاءِ اڄ اسان احسن اآباد روڊ جو افتتاح ڪيو آهي ان کان علاوه نورجهان روڊ، گلبرگ اسٽيڊم، شير شاهه روڊ، سول اسپتال جي ڀرپاسي وارا روڊ، رفيق  سينٽر روڊ، چاڪيواڙه روڊ، سوڪ سينٽر لياري روڊ، جهانگير پارڪ روڊ تعمير ڪيا. ضلع سينٽرل لاءِ جهانگير پارڪ جيان هڪ پارڪ ٺاهڻ وڃون پيا. ڪڪڙي گرائونڊ، ابراهيم حيدري، ڪالابورڊ ۽ سعود آباد چورنگي روڊ تعمير ڪيا. هن چيو ته ڪراچي شهر لاءِ ماس ٽرانزٽ جا ٻه منصوبا ٺاهي رهيا آهيون هڪ ريڊ لائين ۽ ٻيو ييلو لائين جنهن تي 75 ارب رپيا لاڳت ايندي. پاڻي جي نيڪال لاءِ منصوبا جوڙيا، ڪورنگي تي هڪ پل ٺاهي رهيا آهيون، بيچ لگزري وٽ پل ٺاهيو آهي.  مهراڻ هاءِ وي هلندڙ سال مڪمل ٿي ويندو.

CM Open Kachahery

ماڙيپور روڊ جو ڪم تقريبا مڪمل ٿي چڪو آهي جنهن کي هڪ ئي سال اندر مڪمل ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جيڪي اسان کان حساب گهري رهيا آهن اهي چور دروازي مان اقتدار ۾ آيا آهن ۽ چون پيا ته 18 ارب رپيا سنڌ حڪومت کي ٽن سالن ۾ مليا آهن ان جو حساب ڏنو وڃي، آئون چوان ٿو ته کين سنڌ جي عوام 9 هزار ارب رپيا جيڪي ڏنا آهن پهرين ان جو ته حساب ڏيو. سنڌ حڪومت صوبي جي عوام کي حساب ڏيندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پي ٽي آئي حڪومت جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي  رڳو آفيسرن کي هيڏانهن کان هوڏانهن ڪرڻ تائين آهي، ڪنهن کي وفاق کان صوبي ۾ لڳايو ٿو وڃي ته ڪنهن کي وري صوبي مان وفاق ۾ اماڻيو ويو.  هن چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت بدتميزي جو جواب نه ڏيندي آهي اها اسان جي پاليسي ناهي. هن چيو ته هن گذريل ڏينهن ٺٽي، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد جو دورو ڪيو اتان جي عوام جا مسئلا ٻڌا ۽ حل ڪيا. وڏي وزير چيو ته عوام جو پيسو عوام جي امانت آهي جنهن کي صحيح خرچ ڪيو ويندو. اسان هميشه عوام جي مفادن لاءِ خدمت ڪئي آهي جيڪڏهن عوام خوش آهي ته پوءِ اسان کي ڪنهن کي به خوش ڪرڻ جي ضرورت ناهي. هن چيو ته سڀئي درخواستون انتظاميه وٽ جمع ڪرايون وڃن جيڪي به اڄ درخواستون ملنديون انهن کي اڄ ئي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس، مون پنهنجي انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته جيڪي به درخواستون آهن انهن کي حل ڪن ۽ جيڪڏهن اهي انهن کي حل نٿا ڪري سگهن ته کين درخواستگذارن کي واپس جواب ضرور ڏين. هن چيو ته اوهان جي گهر، اوهان جي محلي ۾ اچي اوهان جو شڪايتن کي ٻڌڻ ۽ انهن کي حل ڪرائڻ لاءِ آيا آهيون، اميد آهي ته جيترو وقت اڄ ويٺا آهيون انهن جو مثبت حل ڪڍنداسين.

CM Open Kachahery, hugged an elderly man

ان کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير حلقي جي عوام جون شڪايتون ٻڌيون ۽ انهن جي فوري حل لاءِ انتظاميه ۽ لاڳاپيل عملدارن کي وقت سِر حڪم جاري ڪيو. ان موقعي تي هن حلقي جي پارٽي عهديدارن لالا رحيم ۽ اقبال ساند کي هدايت ڪئي ته جنهن ڪنهن جون به شڪايتون نه ٻڌي سگهيا آهيون انهن جون درخواستون وٺي کيس وزيراعليٰ هائوس ۾ اماڻيون وڃن ته جيئن انهن جو جائز حل ڪڍي سگهجي. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ احسن آباد پهچندي ئي روڊ جو افتتاح ڪيو جنهن کي مرحوم صنعتڪار ڊاڪٽر طارق غوري جو نالو ڏنو ويو آھي. ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ توانائي وارو وزير امتياز شيخ، مڪاني کاتن وارو وزير ناصر شاهه ۽ ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب پڻ هئا. روڊ جي افتتاح کانپوءِ وڏو وزير کُلي ڪچهري لاءِ جاءِ واري هنڌ پهتو جتي هن عوام جا مسئلا ٻڌا ۽ کين حل لاءِ موقعي تي ئي لاڳاپيل اختيارين کي حڪم جاري ڪيا. کُلي ڪچهري جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي. ماڻهن شڪايتن جا نبار لڳائي ڇڏيا وزير شڪايتن جي حل لاءِ موقعي تي هدايتون ڏيندا رهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو