چئن سالن جي غفلت ۽ تباهي 9 مهينن ۾ ختم نٿي ٿي سگهي: شاهد

چئن سالن جي غفلت ۽ تباهي 9 مهينن ۾ ختم نٿي ٿي سگهي: شاهد

ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو اهي ته چئن سالن جي غفلت ۽ تباهي 9 مهينن ۾ ختم ناهي ٿيندي شاهد خاقان عباسي چيو اهي ته جنهن ملڪ ۾ آفيسر فيصلا ئي نه ڪندا هجن جتي ڪابينه جي فيصلي کي چيو وڃي ته اهو غلط آهي اهو ملڪ ڪيئن هلندو؟ مان پنهنجي 9 مهينن جو جواب ڏئي ڇڏيندس اوهان گذريل چئن سالن جو جواب ڏيو. جڏهن اسان حڪومت ڇڏي 1500 ارب رپين جو وياج هو اڄ 42 سئو ارب رپين جو وياج آهي هن چيو ته هڪ ڏينهن ۾ معجزو نه ايندو اوهان کي ملڪي حالتن جو حل ڳولڻو پوندو جتي آفيسر قانون مطابق فيصلا نه ڪري سگهن اهو ملڪ ڪيئن هلندو نيب جي اداري کي ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ آفيسر فيصلو نه ڪري سگهندا جيڪڏهن آفيسر فيصلو نه ڪري سگهندا ته ملڪ ۾ مهانگائي ايندي سياسي استحڪام ذميواري سان اچي ٿو اسيمبلي اسيمبلي کيڏڻ سان سياست ٺيڪ ناهي ٿيندي. شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن اوهان پاڻ اسيمبلي ٽوڙڻ چاهيو ٿا ته ان جو جواب به عوام کي ڏيڻو پوندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو