ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ڪري هارين ۽ ننڍن آبادگارن کي تباه ڪيو

ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ڪري هارين ۽ ننڍن آبادگارن کي تباه ڪيو

حيدرآباد (ن س) سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، مرڪزي اڳوڻ رام ڪولهي، علي نواز ڏاهري ۽ علي نواز عالماڻي چيو آهي ته هن وقت ڀاڻ ڊيلرن ۽ سيٺين ضلعي انتظاميا کي وڏيون رشوتون ڏئي زرعي ڀاڻ مارڪيٽ مان غائب ڪري بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن. جنهن ڪري غريب هارين ۽ ننڍن آبادگارن کي تمام گهڻو نقصان پيو ٿئي. هنن مطالبو ڪيو آهي ته ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري جو نوٽس وٺي سنڌ جي ضلعي عملدارن کان سخت پڇاڻو ڪيو وڃي. شگر ملن ۾ ڪمند جي پيڙهائي شروع نه ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪمند جي پيڙهائي جيڪا آڪٽوبر کان شروع ٿيڻ گهرجي سا نومبر جي آخر تائين ڪيترن ملن اڃان شروع ئي ناهي ڪئي. جنهنجو وڏو نقصان هاري ۽ ننڍي آبادگار کي ٿئي ٿو ڇاڪاڻ هو ڪمند ڪڍي ڪڻڪ پوکڻ چاهيندو آهي پر شگر ملن جي هڪ هٽي ڪري ڪڻڪ جي پوکائي جي موسم ختم ٿيندي پئي وڃي. اڳواڻن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري ۽ شگر ملن جو وقت تي پيڙهائي شروع نه ڪرڻ وارن هاري دشمن ۽ غيرقانوني عملن جو نوٽيس وٺي، ملننجي مالڪن کان سخت پڇاڻو ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو