ڀارت ٻيهر حماقت ڪئي ته جواب اڳ کان وڌيڪ سخت هوندو

ڀارت ٻيهر حماقت ڪئي ته جواب اڳ کان وڌيڪ سخت هوندو

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل، ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته اسان امن پسند ماڻهو آهيون، امن اسان جي پهرين چونڊ آهي، جيڪڏهن ڀارت ٻيهر حماقت ڪئي ته اسان جو جواب اڳ کان به وڌيڪ سخت هوندو.خيبرپختونخواهه جي مختلف يونيورسٽين جي شاگردن ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري سان ملاقات ڪئي. انهي موقعي تي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڀارت سوچيو هو ته اسان حملو ڪنداسين پر پاڪستان جواب نه ڏيندو، اوهان ڏٺو ته اوهان سڀ ڪهڙي طرح پنهنجي ملڪ جي پٺيان بيٺل آهيو، سمورو پاڪستان بيٺل آهي، الله جي ڪرم سان اها جبل جيان ڀت بيهاري وئي، اها سموري حڪمت عملي جيڪا هندوستان ۽ مودي ٺاهي هئي، اسان انهي کي هڪ هڪ ڪري غلط ثابت ڪيو، اها قوم ۽ فوج هميشه سان متحد هئي ۽ متحد رهنداسين.ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير فيصلو ڪيو ته ڀارت جي 26 هنڌن تي انهي کي جواب ڏيندس، مظفر آباد ۾ ڀارتي شيلنگ سبب 7 سالن جو ارتضيٰ شهيد ٿيو جنهن بريگيڊ هيڊ ڪوارٽر جي شيلنگ سبب ارتضيٰ شهيد ٿيو اسان انهي کي تباهه ڪيو.هن چيو ته 6 ۽ 7 مئي تي جن هوائي اڏن تان ڀارتي جهاز اڏاميا انهن کي تباهه ڪيو ويو، ڇا اوهان جي فوج ڪنهن به هڪ سويلين انفرا اسٽرڪچر، ڪنهن هڪ سول آبادي کي نشانو بنايو؟ اسان امن پسند آهيون، امن کي ترجيح ڏيندا آهيون، اسان جي پهرين چونڊ امن آهي، جيڪڏهن ڀارت ٻيهر حماقت ڪئي ته اسان جو جواب انهي کان به وڌيڪ سخت هوندو. هن خطي ۽ پاڪستان ۾ جيتري دهشتگردي ٿي آهي انهي جي پٺيان ڀارت جو چهرو آهي.ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته جيڪي مسجدن کي شهيد ڪندا آهن، ماڻهن کي ذبح ڪندا آهن انهن جو اسلام سان ڪوبه تعلق ناهي، انهن جو خيبرپختونخواهه ۽ پختونن جي روايتن سان ڪوبه تعلق ناهي، اهي دهشتگرد هندستان جا پيروڪار آهن. خارجي نور ولي چيو آهي ته شريعت ۾ اجازت آهي ته اوهان ڪافر کان مدد وٺي سگهو ٿا. اسلام ۾ ڪفر ۽ حق پاڻ ۾ گڏ نٿا ٿي سگهن هي انهي هندستان کان مدد گهرندا آهن جتي ڪشمير جي ٻارڙين جي عزت کي پامال ڪيو ويندو آهي.پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته افغانستان اسان جو پاڙيسري اسلامي ملڪ آهي، مسئلو هنن جي اشرافيه آهي جن کي هندستان پئسا ڏئي خريد ڪندو آهي ۽ انهن کي پاڪستان جي خلاف استعمال ڪندو آهي. پنهنجي افغان ڀائرن کي چئون ٿا ته دهشتگردن کي پنهنجي ملڪ ۾ جڳهه نه ڏيو، اوهان ڀارت جا اوزار نه بڻجو، خيبرپختونخواهه جي غيور بهادر عوام ۽ قبائلين کي چوان ٿو ته اڄ ٻيهر وقت اچي ويو آهي ته ڪشمير بڻجندو پاڪستان.

پهنجو تبصرو موڪليو