ڀارتي ميڊيا جي الزامن ۽ پروپيگنڊا رد ڪيون ٿا، پاڪستان

ڀارتي ميڊيا جي الزامن ۽ پروپيگنڊا رد ڪيون ٿا، پاڪستان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ڀارتي علائقن تي حملن بابت ڀارتي ميڊيا جي بي بنياد الزامن ۽ پروپيگنڊا کي رد ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، پاڪستان ڀارتي ميڊيا جي الزامن ۽ پروپيگنڊا کي رد ڪري ٿو، ۽ پٺاڻ ڪوٽ، جيسلمير ۽ سرينگر تي حملن جا الزام بي بنياد آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان تي جاچ کانسواءِ الزام لڳائڻ جو عمل هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي جو عڪس آهي. الزامن جو مقصد علائقي کي غير مستحڪم ڪرڻ ۽ جارحيت جو بهانو پيدا ڪرڻ آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، اهڙيون ڪارروايون علائقائي امن کي وڌيڪ خطري ۾ وجهن ٿيون، ۽ ڀارت جو رويو انتهائي خطرناڪ ۽ غير ذميواراڻو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان مطالبو ڪري ٿو ته عالمي تنظيمون ڀارت جي رويي جو نوٽيس وٺن. پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پوري طاقت سان جواب ڏيندو. ترجمان چيو ته پاڪستان امن لاءِ پرعزم ۽ چوکس آهي. پاڪستان اشتعال انگيز ڳالهين، ڌمڪين يا گمراهه ڪندڙ مهمن کان ڊڄندو نه. پاڪستان ڪنهن به جارحيت جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو