ڀارتي سپريم ڪورٽ غير آئيني فيصلو ڏنو: ڪاڪڙ

ڀارتي سپريم ڪورٽ غير آئيني فيصلو ڏنو: ڪاڪڙ

مظفرآباد (بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪشمير مڃيل تڪراري علائقو آهي، ڪٺ پتلي عدالتي فيصلن سان حقيقتون تبديل نٿيون ڪري سگهجن.نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آزاد جمون، ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي چيو ته ايوان ۾ گهرائڻ تي ٿورائتو آهيان، پهريون نگران وزيراعظم آهيان جنهن کي آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي ۾ خطاب جي دعوت ڏني وئي.انواالحق ڪاڪڙ خطاب ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقو آهي. ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن ۾ گذريل 7 ڏهاڪن کان اڃان تائين حل طلب آهي. ڪشميرين تي ڀارتي ظلم ۽ بربريت جاري آهي. 3 ڏينهن اڳ ڀارتي سپريم ڪورٽ ڪشمير مسئلي تي غيرقانوني ۽ غير آئيني فيصلو ڏنو.نگران وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن موجب جمون، ڪشمير جو مسئلو صرف ۽ صرف ڪشميرين کي حق ملڻ کان پوءِ حل ٿيندو. ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڪشمير تي پنهنجو قبضو برقرار رکڻ جي لاءِ ڏنو ويو آهي. ڪشميرين ڀارتي قدمن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ڪشميرين کي طاقت جي زور تي دٻائڻ جو ڀارتي خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو. پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي تحريڪ جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. ڀارتي فوج جي پيلٽ گنز جي استعمال سان لکين ڪشميرين جون اکيون ضايع ٿي چڪيون آهن.نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪيستائين ڪشميرين جي آواز کي دٻايو ويندو؟ ڪيستائين ڀارت جي رياستي دهشتگردي جاري رهندي؟ دنيا کي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون.انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ڪجهه مهينا اڳ ياسين ملڪ کي موت جي سزا ٻڌائي وئي. اهڙيون سزائون صرف ڪٺ پتلي عدالتون ئي ٻڌائي سگهن ٿيون. ڊپ ۽ جبر جي فضا ۾ ترقي ۽ خوشحالي ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ڪشمير اسان سڀني جو گڏيل مسئلو آهي. اوهان سڀ پنهنجون تجويزون ڏيو عمل ڪنداسين. ڪشمير جي آزادي جي حدف کي ترجيح ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو