راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) ڀارتي بزدلاڻي جارحيت دوران زخمي ٿيل پاڪ فوج جا وڌيڪ 2 جوان شهيد ٿي ويا آهن. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان جي هٿياربند فوج سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿي. پاڪستان جي هٿياربند فوج پاڪستان جي عوام جي اتحاد سان گڏ انهن بهادر شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته شهيدن جون عظيم قربانيون اسان جي همت فرض سان محبت ۽ حب الوطني جو لازوال ثبوت آهن. آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ فوج جي شهيد اهلڪارن جو ٽوٽل انگ 13 ٿي ويو جڏهن ته 78 ڊيوٽي دوران زخمي ٿيا. حملي ۾ زخمي ٿيل سمورن ماڻهن جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي جي لاءِ به دعا ڪئي وئي.صدر آصف علي زرداري ڀارتي جارحيت جي نتيجي ۾ هٿياربند فوج جي 2 زخمي جوانن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ پاڪ آرمي جي حوالدار محمد نويد شهزاد ۽ پاڪ فضائيه جي سينئر ٽيڪنيشن محمد اياز جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر آصف زرداري حوالدار محمد نويد شهزاد ۽ سينئر ٽيڪنيشن محمد اياز جي ملڪ لاءِ خدمتون، عظيم قرباني تي کين خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته شهيد اسان جو اثاثو آهن. انهن جي قربانين کي نٿو وساري سگهجي.










