ڪلوئي (ن سنڌ يار) تعلقي جي مختلف علائقن ستون ميل ونگو ڪاجهر سميت پوري تعلقي ڪلوئي ۾ هن وقت شڪارين جا ٽولا لٿل آهن ان سلسلي ۾ هتي جي رهواسين عزيز هالو عبدالقيوم نهڙيو راضي خان لنڊ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وائلڊ لائف کاتو اگھور ننڊ ستل آهي پوري تعلقي ۾ تتر ، سهو، تترن ۽ هرڻن جو شڪار ٿي رهيو آهي. علائقي جي سونهن بڻيل جهنگلي جيوت جو قتلام سري عام جاري آهي جڏهن ته ڪلوئي فارم جو رهواسي عبدالله کوسو ۽ سندس پٽ ڏينهن رات تترن جي شڪار ۾ لڳل آهن جيڪي چار سئو کان پنج سئو روپيا في تتر وڪرو ڪري رهيا آهن جڏهن ته ٻي طرف ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته گيم انسپيڪٽر گگر جي واپار ۾ ملوث آهن جنهن ڪري هو ڪڏهن به علائقي ۾ نٿا وڃن جنهن ڪري جهنگلي جيوت جو شڪار جاري آهي هتي جي رهواسين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور جهنگلي جيوت جو شڪار ڪندڙ شڪارين خلاف قانوني ڪارروائي ڪري جهنگلي جيوت کي تحفظ ڏنو وڃي.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو