ٿرڪول پاڪستان جي انرجي لائف لائن آهي،نگران نظرانداز ڪري ڇڏيو

ٿرڪول پاڪستان جي انرجي لائف لائن آهي،نگران نظرانداز ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڳوڻي توانائي واري وزير امتياز شيخ جو بيان چيو آهي ته ٿرڪول پاڪستان جي انرجي لائف لائن آهي،نگران حڪومت پاران ٿرڪول منصوبي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، ڪيترن ئي اهم معاملن ۾ دير سبب ملڪي ۽ پرڏيهي ڪمپنين ۾ پريشاني جو شڪار آهي سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ۽ چيني ڪمپنيون تحفظات جو شڪار آهن،ڪول فيلڊ کان چور تائين 105 ڪلوميٽر ريلوي لائين ڊيڊ لاڪ جو شڪار آهي پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ريلوي منصوبي جي سموري رٿابندي مڪمل ڪري ورتي هئي،ريلوي منصوبي لاءِ 50 سيڪڙو رقم به مختص ڪئي وئي،منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ملڪ کي ڪروڙين ڊالرن جي بچت ٿيندي،ريلوي منصوبي ۾ دير سان ملڪي معيشت کي سخت نقصان پهتو آهي، نگران وڏي وزير امتياز شيخ سنڌ ريلوي منصوبي ۾ دير ۽ سيڙپڪارن جي خدشن جو فوري نوٽيس ورتو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو