لاهور (ويب ڊيسڪ)پيپلز پارٽي ۽ جمعيت علماءِ اسلام کانپوءِ مسلم ليگ ن به عدالتي سڌارن تي اتفاق ڪري ورتو.26هين آئيني ترميم تي مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ ف جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميان نواز شريف، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف به شرڪت ڪئي.اجلاس کانپوءِ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته هنن عدليه بابت سڌارن تي اتفاق ڪيو آهي، هو ٻين تجويز ڪيل ترميمن تي به مشاورت ڪندا.هن چيو ته پهرين ترميم کي رد ڪيو ويو هو، اڄ به رد ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن اهم معاملن تي تفصيل سان ڳالهايو وڃي ته ملڪ به بچندو ۽ آئين به بچندو.مولانا فضل الرحمان چيو ته هو اسلام آباد پهچڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ قيادت سان ملاقات ڪندو، آئيني ترميم ۾ پي ٽي آءِ قيادت جي راءِ شامل ڪندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ ۽ جي يو آءِ وچ ۾ معاهدو ٿيو هو، اڄ ٽنهي پارٽين ۾ اتفاق ٿي ويو آهي. هن چيو ته تجويز ڪيل ترميم مناسب وقت تي ٻنهي ايوانن مان پاس ڪئي ويندي. بلال ڀٽو زرداري چيو ته هو آئين جي بالادستي ۽ آئيني عدالتن ذريعي جلد انصاف چاهين ٿا، عوام ڏسندو ته هو آئين جي حفاظت لاءِ ڇا ٿا ڪن. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته تجويز ڪيل ترميم مناسب وقت تي ٻنهي ايوانن مان منظور ڪرائي ويندي. بلاول ڀٽو زرداري اهو به چيو ته هاڻي ڏٺو ويندو ته اسان آئين ٽوڙڻ ۽ آئين مان پنهنجو مطلب ڪڍڻ بابت ڇا ٿا ڪريون، اها وڏي تاريخي ڪاميابي آهي ته اسان اتفاق راءِ ڏانهن وڌي رهيا آهيون. ان موقعي تي اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ٽنهي پارٽين ۾ عدليه کان آئيني ترميم تي اتفاق ٿي ويو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻين تجويز ڪيل ترميمن تي به اتفاق ڪيو ويندو. هن چيو ته هي سموريون ڪوششون عوام جي بهتري لاءِ ڪيون پيون وڃن، ان ڪم ۾ ڪنهن به پارٽي جو ڪو به ذاتي مقصد ناهي. اسحاق ڊار چيو ته هي اهو ئي سڌارو آهي جنهن تي نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو 18 سال اڳ لنڊن ۾ صحيحون ڪيون، بعد ۾ سمورين پارٽين ان جي حمايت ڪئي. نائب وزيراعظم چيو ته انصاف ۾ دير بابت متوازي نظام ۾ تبديليون ڪيون وينديون، عوام کي فوري انصاف فراهم ڪيو ويندو.










