ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پ پ سينيٽر تاج حيدر پارٽي اميدوار فياض ڀٽي کي چيڪ مارڪ ڏيڻ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو آهي.پي پي 163 لاهور تان پ پ اميدوار فياض ڀٽي کي تير بدران چينڪ ڏنو ويو، جنهن تي پ پ سينيٽر تاج حيدر چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي خط لکي ڇڏيو.خط موجب فياض ڀٽي پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ جمع ڪرائي، پر کيس آزاد قرار ڏيندي چيڪ چينڪ ڏنو ويو،سينيٽر تاج حيدر جي خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن فوري طور تي فياض ڀٽي کي ايوارڊ ڏئي،ان کان علاوه سينيٽر تاج حيدر پڻ خط ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن اها به جاچ ڪري ته پ پ اميدوار کي چيڪ مارڪ ڪيئن ڏنو ويو.










