ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سھراب ڳوٺ ٽائون جي يوسي 7 جي پ پ اميدوارن چيئرمين چوڌري فاروق زمان، وائيس چيئرمين،مير عمران بروھي، جنرل ڪائونسلر وارڊ نمبر 2 بادل خان جتوئي، ۽ ٻين وارڊ 2 جي جتوئي برادري سان ڪارنر گڏجاڻي ڪندي 15 جنوري تي پ پ کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ چيو، ان موقعي تي محلي جي معززين پ پ کي ڀرپور سپورٽ ڪرڻ جو واعدو ڪيو، ان موقعي تي چوڌري فاروق زمان، عمران بروهي، مير صمد خان بروهي، بشير احمد رند، يار محمد گورشاڻي ۽ ٻين چيو ته پ پ عوامي پارٽي آهي جنهن ڪري ماڻهو پ پ کي ووٽ ڏيندا آهن، بلدياتي اليڪشن ۾ سھراب ڳوٺ ٽائون جي يوسي 7 تي ڪامياب ٿي عوام لاء خدمت ڪندا رھندا سين، اميدوارن جون ڳالھيون، سھراب ڳوٺ ٽائون جي يوسي 7 لاء چيئرمين چوڌري فاروق زمان، وائيس چيئرمين، مير عمران بروهي، جنرل ڪائونسلر لاءِ بادل خان جتوئي ۽ ٻين چيو ته پارٽي پاران اسان کي ٽڪيٽون ڏيئي نامزد ڪيو ويو آهي اسان ڪامياب ٿي يوسي جي عوام لاءِ ڪم ڪنداسين انھن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ سڀني جماعتن کان اڳتي آهي، انھن چيو ته پارٽي اسان تي اعتماد ڪندي ٽڪيٽون ڏنيون آهن اسان عوام جي ووٽ سان ڪامياب ٿي پنھنجي علائقي جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندا سين.










