پشاور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) خيبر پختونخواهه ۾ وڏي پيماني تي تبديليون آڻڻ جو امڪان آهي.پي ٽي آءِ ذريعن موجب صوبائي صدارت ۾ تبديلي کانپوءِ تنظيمي سطح تي تبديلين جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي جي صوبائي جنرل سيڪريٽري ۾ تبديلي جو به امڪان آهي.پي ٽي آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته عاطف خان ۽ ارباب شير علي کي به اهم ذميواريون ڏنيون وينديون.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي ضلعي تنظيمن ۾ به تبديليون ڪيون وينديون.










