پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان سڌي فائرنگ ڪئي وئي: آءِ جي

پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان سڌي فائرنگ ڪئي وئي: آءِ جي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي جو چوڻ آهي ته احتجاج ۽ دهشتگردي ۾ فرق آهي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن فائرنگ ڪئي. اسلام آباد ۾ چيف ڪمشنر محمد علي رنڌاوا سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ جي علي ناصر رضوي چيو ته احتجاج ۽ دهشتگردي ۾ فرق آهي، احتجاج جي نالي تي ڪنهن به قسم جي دهشتگردي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي، هي ڪهڙو احتجاج آهي جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي سڌي فائرنگ ڪئي وڃي.علي ناصر رضوي جو چوڻ آهي ته احتجاج جي آڙ ۾ دهشتگردي ڪئي پئي وڃي، ڪالهه 610 مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو، 200 کان وڌيڪ گاڏيون ضبط ڪيون ويون، دهشتگردن وانگر مظاهرين وٽان هٿيار به هئا. آءِ جي اسلام آباد جو چوڻ هو ته رينجرز جا 3 جوان شهيد ٿي ويا آهن، جن گهرن ۾ گاڏيون بيهاريون هيون، انهن ۾ پرڏيهي به شامل آهن.هن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪالهه 19 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو، ڪنهن به افغان شهري کي اين او سي کانسواءِ اسلام آباد ۾ رهڻ جي اجازت ناهي، افغان شهرين جو اسلام آباد ۾ رهي ڪري دهشتگردي جون ڪارروايون ممڪن ناهن.ان موقعي تي ڳالهائيندي اسلام آباد جي چيف ڪمشنر محمد علي رنڌاوا چيو ته سيڪيورٽي ڪليئرنس ملڻ تائين ڪو به افغان شهري اسلام آباد ۾ نه رهندو.هن چيو ته حڪومتي رٽ نه هجي ته ڪو به ڪاروبار نٿو ڪري سگهي، عدالت جو فيصلو آهي، اسلام آباد ۾ احتجاجي مڪينزم آهي.چيف ڪمشنر جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ کي چيو ويو هو ته سانجهيءَ تي احتجاج ڪيو وڃي، اسلام آباد جا سمورا رستا صاف آهن.محمد علي رنڌاوا چيو ته اسلام آباد مان ڪنٽينر هٽايا ويا آهن، اسلام آباد ۾ سرچ آپريشن جاري رهندو، پرڏيهي امن امان جو مسئلو پيدا ڪندڙ پاڪستان ۾ رهي نه سگهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو