انٽرا پارٽي اليڪشن رد،بيٽ جو نشان واپس،فيصلو چئلينج ڪرڻ جو اعلان

انٽرا پارٽي اليڪشن رد،بيٽ جو نشان واپس،فيصلو چئلينج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کان بيٽ جو چونڊ نشان واپس وٺي ڇڏيو، چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميشن فيصلو ٻڌايو.پي ٽي آءِ بيٽ جو انتخابي نشان کسي ورتو، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ بيٽ جي نشان جي اهل ناهي، پي ٽي آءِ اسان جي هدايتن تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ پارٽي آئين موجب چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي.اليڪشن ڪميشن جي تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذارن پاران پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي کي چئلينج ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن جي پوليٽيڪل فنانس ونگ به انٽرا پارٽي چونڊن تي اعتراض اٿاريا. پي ٽي آءِ جي مبينا نئين چيئرمين انٽرا پارٽي چونڊن بابت دستاويز جمع ڪرائي ڇڏيا. پي ٽي آءِ جو عام اعتراض اهو هو ته پارٽي آئين تحت چونڊون نه ڪرايون.پي ٽي آءِ اعتراض ڪيو ته اليڪشن ڳجهي نموني ڪرائي.فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اعتراض آهي ته ڪنهن به ميمبر کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ناهي. پي ٽي آءِ آفيس ۾ ڪو به نامزدگي ڪاغذ موجود نه هو.اهو به اعتراض هو ته اميدوار بٽ جو چونڊ نشان حاصل ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو.فيصلي ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن جي پوليٽيڪل فنانس ونگ پي ٽي آءِ کي سوالنامو ڏنو.ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي ٻيهر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو چيو هو. پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن ٿي جنهن ۾ گوهر خان بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي وئي.جڏهن ته اڪبر ايس بابر اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي هئي ته پي ٽي آءِ چونڊون آئين موجب نه ٿيون ڪرايون.جنهن بعد ڪيس اليڪشن ڪميشن ڏانهن ويو.اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ بئريسٽر گوهر علي هاڻي پي ٽي آءِ جو چيئرمين ناهي رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو