اسانجي اميدوارن تي تشدد، ڇا هي ليول پليئنگ فيلڊ آهي: عمر ايوب

اسانجي اميدوارن تي تشدد، ڇا هي ليول پليئنگ فيلڊ آهي: عمر ايوب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته بلال ورڪ تي نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ وقت وحشياڻو تشدد به ڪيو ويو.هن چيو ته بلال ورڪ تي پنجاب پوليس تشدد ڪيو، جڏهن ته سندس ڀاءُ به اغوا ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ جي اميدوارن تي تشدد ڪيو پيو وڃي. ڇا هي ليونگ پلينگ فيلڊ آهي، هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جي اميدوارن جي گهرن تي چڙهايو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي پئي وڇي. جڏهن ته کين ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته اهي اليڪشن نه وڙهن، هن چيو ته سمورين سازشن باوجود پي ٽي آءِ مقابلو ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو