پي ٽي آءِ جو 11 ايم ايم ايز سان رابطو ختم، نالا جاري

پي ٽي آءِ جو 11 ايم ايم ايز سان رابطو ختم، نالا جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو پنهنجي 11 پارليامينٽ ميمبرن سان رابطو ختم ٿي ويو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي 2 سينيٽرن ۽ 9 قومي اسيمبلي ميمبرن سان قيادت جو رابطو نه ٿي سگهيو ۽ قيادت جي ڪوششن باوجود رابطي ۾ ڪا به ڪاميابي نه ملي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن ليڊر عمر ايوب به 7 ميمبرن سان رابطو نه ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته بئريسٽر گوهر ڪالهه ٻڌايو ته ٻن سينيٽرن سان رابطو ناهي ٿي سگهيو.پي ٽي آءِ ذريعن موجب جن ميمبرن سان رابطو نه ٿي سگهيو انهن ۾ زين قريشي، ظهور قريشي، اسلم گھمڻ، عثمان علي، رياض فتيانه، مقداد حسين ۽ چوڌري الياس شامل آهن.پارٽي ذريعن موجب ميمبر قومي اسيمبلي اورنگزيب خان خاصخيلي ۽ مبارڪ زيب خان به رابطي کان ٻاهر آهن جڏهن ته سينيٽر فيصل سليم ۽ زرقا سهروردي سان به رابطو ناهي ٿي رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو