پي ٽي آءِ  جو مشاورت کانپوءِ حڪومت آڏو 2 مطالبا رکڻ جو فيصلو

پي ٽي آءِ جو مشاورت کانپوءِ حڪومت آڏو 2 مطالبا رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) مشاورت کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت آڏو 2 مطالبا رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو،ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي اڳواڻن وچ ۾ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ ۽ قيدين جي آزادي جي مطالبي تي مشاورت ڪئي وئي،ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف حڪومتي ٽيم آڏو 2 مطالبا لکت ۾ رکي، پي ٽي آءِ 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو لکت ۾ مطالبو ڪندي،ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف پنهنجي جيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ لکت ۾ مطالبو ڪندي،تحريڪ انصاف ۽ حڪومت جي ڳالهين واري ڪميٽي وچ ۾ ڳالهيون 2 جنوري تي ٿينديون،ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته حڪومت سان اسان جون ڳالهيون 2 مئي تي ٿينديون، جنهن لاءِ هو پنهنجي ڳالهين واري ٽيم سان صلاح مشورا ڪري رهيا آهن ۽ ملاقاتون به جاري آهن،هن چيو ته اسان جا مطالبا واضح آهن، باني جي آزادي سميت هڪ ڪميشن جوڙڻ گهرجي، ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين،هن چيو ته ڳالهين واري ٽيم جا سمورا ميمبر ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو