لاهور (ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جو حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو سٺو آهي،لاهور مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ لياقت بلوچ چيو ته پي ٽي آءِ ۽ حڪومت کي ڳالهين کي راند نه بڻائڻ گهرجي، پر بحرانن جو حل ڳولڻ گهرجي، هن چيو ته سياسي بحران هميشه ڳالهين ذريعي حل ٿيندا آهن،لياقت بلوچ لاهور ۾ ڊمپر حادثي ۾ 5 ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏينهن جي وقت شهرن ۾ ڊمپر جو داخل ٿيڻ موت جي سزا آهي.










