پي  ٽي  آءِ  احتجاج جو سوچي سگهي ٿي ڪندي نه،طلال

پي ٽي آءِ احتجاج جو سوچي سگهي ٿي ڪندي نه،طلال

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ن ليگ اڳواڻ سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ احتجاج جو سوچي سگهي ٿي پر هو احتجاج ڪرڻ جي جرئت نه ڪندا.ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته عمران خان تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ وي آءِ پي قيدي آهي، هو جيل ۾ ملاقاتون ڪري رهيو آهي، ملاقاتن سان گڏ کيس سهولتون به ميسر آهن.طلال چوڌري چيو ته ايس سي او ڪانفرنس وڏي ڪانفرنس آهي، 200 وفد پاڪستان اچي رهيا آهن، هن ڪانفرنس جو ڪنهن سان واسطو ناهي، ان سان ملڪي معيشت ۽ مستقبل ڳنڍيل آهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ ايس سي او ڪانفرنس کي عذر طور استعمال ڪري رهي آهي. هو ايس سي او تي حملو ڪرڻ چاهين ٿا، احتجاج جو سڏ رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ آهي، هو احتجاج جو سوچي سگهن ٿا پر احتجاج ڪرڻ جي جرئت نه ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو