اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) ڪي پي ڪي مان وڏي وزير علي امين گنڊا پور، بشرا بيبي، عارف علوي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قافلو اسلام آباد لاءِ روانو ٿي چڪو آهي. جلوس جي اڳيان نوجوانن جو هڪ جٿو هلي رهيو آهي جن وٽ ڪنڊيدار تارون ڪٽن واريون قينچون، ڪنٽينڙ هٽائڻ واريون ڪرينز ۽ ٻئي مشينري گڏ آهي. پنجاب پوليس ۽ رينجرز جا جٿا اٽڪ ۾ جلوس کي روڪڻ لاءِ موجود آهن. جن وٽ قيدين کي کڻي ويندڙ گاڏيون به موجود آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڄوڪي احتجاج سبب وفاقي راڄڌاني ۾ پوليس، رينجرز ۽ ايف سي جي وڏي نفري کي مقرر ڪيو آهي. جڏهن ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي کان جڙيل شهرن ڏانهن ويندڙ رستا بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ شهر مان نڪرڻ وارن رستن کي مختلف شهرن ۾ کڏا کوٽي بند ڪيو ويو آهي. پشاور، ملتان. فيصل آباد، سيالڪوٽ، گجرانوالا ۽ لاهور موٽر ويز جا سيڪشن گذريل رات ئي بند ڪري ڇڏيا هئا. اسلام آباد جي تعليمي ادارن ۽ شهر جون نجي هاسٽلون ۽ بس اڏا ڪالهه رات کان بند ڪري ڇڏيا هئا. ڪيترائي شاگرد مائٽن ڏانهن وڃڻ لاءِ سواري نه هئڻ سبب پريشان ٿيا. اڄ جي ٽي روڊ راولپنڊي وٽ 26 نمبر چنگي کي مڪمل طور تي ڪنٽينر رکي سيل ڪيو ويو آهي ۽ اتي رينجرز اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، روات وٽ به پوليس دستا مقرر آهن. جڏهن ته سرينگر هاءِ وي کي به زيرو پوائنٽ تي بند ڪيو ويو آهي. کنا پل تي ايڪسپريس وي کي به ٻنهي طرفن کان بند ڪيو ويو آهي. کنا پل تي رکيل ڪنٽينر ۾ باهه به لڳي وئي، واقعي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو. ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ روڊ تي ڪنٽينر به رکيا ويا آهن، جڏهن ته فيض آباد کان اسلام آباد ويندڙ روڊ کي به بند ڪيو ويو آهي. منجهند ڌاري راولپنڊي مان پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جلوس ڪڍيو ۽ فيض آباد وٽ پوليس ۽ ڪارڪنن م چڪريون ٿيون، پوليس ڳوڙها گيس جي شيلنگ ڪئي، ڪارڪنن سندن مٿان پٿراءُ ڪيو، پوليس 150 جي لڳ ڀڳ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن ۾ بند رکيو آهي. اڊيالا جيل ڏانهن ويندڙ رستا مڪمل سيل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جيل ڏانهن ويندڙ مکيه شاهراهه کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. اڊيالا جيل روڊ تي مختلف هنڌن تي پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي آهي ۽ جيل ڏانهن ويندڙ رستن تي ڪنٽينر رکيا ويا آهن، اڊيالا روڊ بند ٿيڻ سبب شهري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.ان حوالي سان پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته اڊيالا جيل طرف ڪنهن به مظاهري جي اجازت ناهي. اسلام آباد انتظاميا جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ذريعي گادي واري شهر جا سڀ تعليمي ادارا سومر تي بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.، اسلام آباد اٽرنيشنل ايئرپورٽ تي فلائيٽ سروس معطل ناهي پر معمول موجب اڏامون جاري آهن. سوشل ميڊيا تي هوائي اڏو بند ڪرڻ جي خبرن کي انتظاميا ڪوِڙو قرار ڏنو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گادي واري شهر جي مڪمل حفاظت جو اعلان ڪندي اسلام آباد ايندڙ قافلن کي رستي مان گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن هيليڪاپٽر ذريعي اٽڪ، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ سيڪورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ۽ اطمينان جو اظاهر ڪيو. هن چيو ته پوليس سرچ آپريشن دوران ڪجهه گرفتاريون ڪيون آهن، جن ۾ افغاني به شامل آهن، وڌيڪ تفصيل بعد ۾ جاري ٿيندا. اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ڪيترا اڳواڻ پوليس ۽ انتظاميا کي فون ڪري گرفتار ڪرڻ جي درخواست ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته بيلاروس مان 75 رڪني اعليٰ سطحي سيڙپڪاري وفد پاڪستان پهتو آهي ۽ ان موقعي تي پي ٽي اءِ جو احتجاج ملڪ دشمني برابر آهي.










