پيپلز پارٽي جي خمير ۾ ڪراچي مخالف آهي: حافظ نعيم

پيپلز پارٽي جي خمير ۾ ڪراچي مخالف آهي: حافظ نعيم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي خمير ۾ ڪراچي سان دشمني آهي، پيپلز پارٽي نٿي چاهي ته ڪراچي جي عوام کي درست سمجهيو وڃي.ڪورنگي عيد گاهه گرائونڊ ۾ فيملي فيسٽيول جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي حافظ نعيم چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ غلط آدمشماري جي منظوري ڏني، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي خمير ۾ ڪراچي مخالف آهي، ان کي درست ڪيو وڃي.هن چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي ضابطو آڻڻ ۽ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ شهر جي پوليس ۾ 80 سيڪڙو مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي، ڪراچي ۾ 40 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر آهن جن مان هڪ سيڪڙو به ڪراچي جو ناهي. ڪراچي ۾ هن وقت سڀ کان سستي شيءِ انساني جان آهي، هڪ مهيني ۾ ڪورنگي ۾ مزاحمت ڪندي 4 شهرين کي شهيد ڪيو ويو.ٻئي طرف مڪاني کاتي واري وزير سنڌ شاهه، حافظ نعيم جي بيان کي تعصب تي ٻڌل قرار ڏيندي چيو آهي ته حافظ نعيم ميئر ٿيڻ جي خواهش ۾ تعصب جو مظاهرو ڪندو، اهڙي توقع نه هئي، حافظ نعيم سياسي طور تي مڪمل آزاد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو