دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)ڳوٺ ڏونگر خان لنڊ جي رهواسي عورتن سڀائي پنهور، رضوانه پنهور، وحيد پنهور ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي ٻڌايو ته 10 ڏينهن اڳ وومين پوليس ايس ايڇ او بينظير جمالي ۽ سي آءِ اي انچارج اشرف شاهاڻي اسان جي نوجوان پورهيت بلاول پنهور کي بلاجواز ڪراچي مان چانورن جي مل تان گرفتار ڪيو آهي، هاڻ ان کي آزاد ڪرڻ لاءِ اسان کان 5 لک روپيه رشوت گهري ويا آهن، هنن چيو ته جيڪڏهن پورهيت مٿان ڪو ڪيس وغيره آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، مظاهرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو، ايس ايس پي دادو سميت اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پورهيت بلاول پنهور کي بلا جواز گرفتار ڪندڙ وومين پوليس ۽ سي آءِ اي انچارج خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.










