نوشھرو فيروز (ن س ) ڀرياسٽي ويجھو ٺاروشاھ لنڪ روڊ تي پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مبينا مقابلو ھڪ جوابدار غير قانوني ھٿيار ۽ ڦر ٿيل موٽرسائيڪل سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڀرياسٽي ٺاروشاھ لنڪ روڊ ور موري ڀرسان ڳجھي اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڏوھ جي ارادي سان ٻيٺل ٽن ڏوھارين وچ ۽ پوليس وچ ۾ مبينا مقابلو ٿيو جنهن دوران ھڪ ڏوھاري اعجاز جمالي کي زخمي حالت ۾ پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي ھو ڏانھن ڀرياسٽي پوليس جي ايس ايڇ او منير لغاري ميڊيا کي ٻڌايو تـ ڀرياسٽي پوليس ڳجھي تي ڊي ايس پي لونگ شر جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي ڪئي تـ جوابدارن پوليس مٿان فارنگ ڪري ڏني بعد ۾ پوليس ھڪ ڏوھاري اعجاز جمالي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري روتو زخمي ڏوھاري کي ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو ۽ ٻـ نامعلوم ڏوھاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پوليس ڏوھارين جو پيڇو ڪيو پر جوبدار فرار ٿي ويا پوليس مبينا مقابلي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آھي










