نوابشاهه (ن سنڌيار) نوابشاهه ۾مبينا پوليس مقابلو، 90 کان وڌيڪ ڪيسن ۾گهربل 5 جوابدار گرفتار، تعلقي ٿاڻي جي حد مان بهار ملاح، ماجد، روحان،ادريس ۽ خالد چانڊيو کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار چوري ۽ ڦر سميت 90 کان وڌيڪ ڪيسن ۾گهربل آهن، جوابدار واردات جي ارادي سان بيٺل هئا، کين مقابلي بعد گرفتار ڪيو ويو.










