ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پوليس جي سخت مهم باوجود ڪراچي ۾ نئين سال جو استقبال شديد فضائي فائرنگ، ڌماڪن ۽ زوردار آتشبازن سان ڪيو ويو.2022 جي پڄاڻيءَ کان ڪجهه منٽ اڳ سڄي شهر ۾ هوائي فائرنگ شروع ٿي وئي ۽ سال 2023 جي شروعات زبردست فضائي فائرنگ، ڌماڪن ۽ آتشبازي سان ٿي. ڪراچي جي تفريحي مرڪزن ڪلفٽن سي ويو، بحريا ٽائون، عمار ٽاور، باغ ابن قاسم، مختلف هوٽلن، ڪلبن ۽ ٻين هنڌن تي نئين سال جي استقبال لاءِ آتش بازي ڪئي وئي، جنهن ۾ هزارين شهرين شرڪت ڪئي.ڪلفٽن ۾ سمنڊ ڪناري ۽ ٻهراڙين تي شهرين جو وڏو انگ جشن ملهائڻ لاءِ نڪتا. نئين سال جي موقعي تي ڪراچي پوليس پاران ممڪنه ڇڪتاڻ کان بچڻ ۽ امن امان جي بحالي لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا هئا ۽ اعليٰ آفيسرن جي نگراني ۾ پوليس جي وڏي نفري تعينات ڪئي وئي هئي.پوليس پاران مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ ۽ درجنين ماڻهن کي حراست ۾ وٺڻ جا به اطلاع آهن.










