پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 15 دهشتگرد گرفتار

پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 15 دهشتگرد گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري کاتي (سي ٽي ڊي) پنجاب مان 15 مبينا دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.سي ٽي ڊي ترجمان موجب پنجاب جي مختلف شهرن مان 15 مبينا دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن وٽان ڌماڪيدار مواد ۽ ڊيٽونيٽرز هٿ ڪيا ويا آهن. ترجمان چيو ته سي ٽي ڊي اهي ڪارروائيون لاهور، سيالڪوٽ، گجرات، اٽڪ، سرگوڌا، بهاولپور، جهنگ، ميانوالي ۽ چنيوٽ ۾ ڪيون.ترجمان موجب، فتنه الخوارج جي هڪ خطرناڪ دهشتگرد، جنهن جو تعلق اتر وزيرستان سان آهي، کي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو