پنجاب کي خوشحال بڻائڻ لاءِ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي

پنجاب کي خوشحال بڻائڻ لاءِ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي

حيدرآباد (ن س ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ علي محمد پرويز ۽ اياز کوسو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي تہ پنجاب جا ڊيم ڀري، فلڊ ڪينال ٻارهوئي وهائي، سنڌ جي واهن ۽ شاخن جو پاڻي بند ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي. درياءَ جو پاڻي بند ڪرڻ سبب سمنڊ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي. سنڌين کان زمينون ڦرڻ لاءِ سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي ته جيئن سنڌ جا آبادگار زمينون ڀڳڙن مٺ تي وڪڻين. سنڌ جي ۽ حصي جي پاڻي مان پنجاب جون بنجر زمينون آباد ڪيون پيون وڃن ۽ سنڌ جي سرسبز ۽ آباد زمينن جو پاڻي بند ڪري سنڌ جي زراعت تباه ڪئي وئي آهي. هڪڙي پاسي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن تہ ٻي طرف سنڌ ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو ويوآهي ۽ سنڌ کي غيرملڪي دهشتگردن لاءِ محفوظ پناه گاه بڻايو ويو آهي. سنڌ مٿان هن وقت گهڻ طرفو حملو ٿيو آهي، سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڀرپور جدوجهد جي ضرورت آهي. سنڌ جي زمينن تي قبضن، پاڻي تي ڌاڙن، وسيلن جي نيلامي، ڊجيٽل آدمشماري ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف عوامي تحريڪ طرفان 22 سيپٽمبر تي سجاول ۾ ريلي ڪڍي ويندي. ان ريلي جون سجاول ضلعي جي ماڻهن کي دعوتون ڏيڻ لاء عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نوراحمد ڪاتيار، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح ۽ حميد انقلابي جي اڳواڻي ۾عوامي تحريڪ جو وفد حيدرآباد کان سجاول روانو ٿي ويو آهي. عوامي تحريڪ جا اڳواڻ مسلسل ٽي ڏينهن سجاول جي مختلف ڳوٺن ۾ وڃي سنڌ دشمن منصوبن خلاف عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪندا ۽ 22 سيپٽمبر تي سجاول ۾ عظيم الشان احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو