پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جا 26 ميمبر معطل، ريفرنس جي تياري

پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جا 26 ميمبر معطل، ريفرنس جي تياري

لاهور)ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر 26 مخالف ڌر جي ميمبرن کي 15 سيشنن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن خلاف ريفرنس موڪلڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي.پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر موجب، 26 مخالف ڌر جي ميمبرن خلاف هنگامہ آرائي، نعريبازي، شور مچائڻ ۽ دستاويز ڦاڙڻ جي الزام ۾ ڪارروائي ڪئي وئي. ان دوران، 26 ميمبرن کي طريقيڪار جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 15 سيشنن لاءِ معطل ڪيو ويو.معطل ٿيل ميمبرن ۾ ملڪ فهد مسعود، محمد تنوير اسلم، سيد رفعت محمود، ياسر محمود قريشي، ڪليم الله خان، محمد انصار اقبال، علي آصف، ذوالفقار علي، احمد مجتبيٰ چوڌري، شاهد جاويد، محمد اسماعيل، خيال احمد، شهباز احمد، طيب رشيد، امتياز محمود، علي امتياز، راشد طفيل، راءِ محمد مرتضيٰ، خالد زبير ناصر، چوڌري محمد اعجاز شفيع، صائمه ڪنول، محمد نعيم، سجاد احمد، رانا اورنگزيب، شعيب امير ۽ اسامه اصغر شامل آهن.ڇنڇر ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان 26 پي ٽي آءِ ميمبرن خلاف ريفرنس موڪلڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته هو اڄ انهن ميمبرن خلاف ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليندو.هن چيو ته ايوان جي تقدس ۽ نظم کي هر قيمت تي برقرار رکيو ويندو، احتجاج جو حق تسليم ڪيو ويندو آهي پر ان جون حدون آئين، قانون ۽ ضابطن جي تابع آهن، نظام کي يرغمال بڻائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پهرين ايوان جي تقدس کي برقرار رکڻ منهنجي ذميواري آهي، جيڪڏهن ڪو ميمبر ضابطن کي نٿو مڃي ته ان کي ايوان ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ منهنجي ذميواري آهي، اهو نٿو ٿي سگهي، توهان ڪتاب کڻو ۽ ميمبرن تي اڇلائڻ شروع ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو