پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ ذاتي دشمني تي ڌرين ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا.پوليس موجب فائرنگ جو واقعو پشاور جي علائقي تهڪال ۾ پيش آيو، جنهن ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري ۽ ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون، جتان لاشن ۽ زخمين کي اسپتال نيو ويو.پوليس ٻڌايو ته واقعو ذاتي دشمني تان پيش آيو، جوابدار واقعي کانپوءِ فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي.










