پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور جي علائقي خٽڪو پل ۾ جوابدارن هڪ گهر ۾ فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هڪ ئي خاندان جا ڇهه ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي.پوليس موجب، متاثرين ۾ ٽي عورتون شامل آهن، ۽ زخمي عورت کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس چيو ته ڌريون پاڙيسري آهن، ۽ متاثرين تي مخالف ڌر جي هڪ عورت کي قتل ڪرڻ جو الزام هو.پوليس چيو ته جوابدار واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويا، ۽ انهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.










