پاڻي جي گهرج ۾ واڌ،ڪوٽا ۾ 50 سيڪڙو جو اضافو

پاڻي جي گهرج ۾ واڌ،ڪوٽا ۾ 50 سيڪڙو جو اضافو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ واٽر ٽينڪرز ذريعي پاڻي جي فراهمي جي وڌندڙ گهرج ۽ شهرين جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران هڪ اهم قدم کڻندي واٽر ڪارپوريشن جي سمورن سرڪاري هائيڊرنٽس تي جنرل پبلڪ سروس ڪوٽا ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان انچارج هائيڊرنٽس سيل واٽر ڪارپوريشن الاهي بخش ڀٽو وڌيڪ تفصيل ڏيندي ٻڌايو تہ واٽر ڪارپوريشن جي 7 سرڪاري هائيڊرنٽس تي جنرل پبلڪ سروس تحت روزانو 6 لک گيلن پاڻي فراهم ڪيو ويندو جڏهن تہ ان کان اڳ جنرل پبلڪ سروس تحت سرڪاري هائيڊرنٽس مان روزانو 4 لک گيلن پاڻي فراهم ڪيو ويندو هو، هن ٻڌايو تہ شهر جي ستن ضلعن جي سرڪاري هائيڊرنٽس تان ڪل 2.8 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪيو ويو ھو، جنهن کي وڌائي ڪري 42 لک گيلن ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جو چوڻ هو تہ پاڻي چورن خلاف پاڪستان رينجرز ۽ واٽر ڪارپوريشن جي گڏيل ڪارروائين سبب غير قانوني هائيڊرنٽس جو خاتمو آندو ويو آهي جنهن سبب واٽر ڪارپوريشن جي سرڪاري هائيڊرنٽس تان پاڻي جي گهرج وڌي ويئي آهي، انڪري شهرين جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي سرڪاري هائيڊرنٽس تي جنرل پبلڪ سروس ڪوٽا وڌائي ويئي آهي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو