اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته جيڪڏهن ايندڙ ڳالهين ۾ “پاڻي تڪرار” حل نه ٿيو ته هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگ بندي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي.هن سي اين اين سان هڪ انٽرويو ۾ چيو ته جيڪڏهن پاڻي جو مسئلو حل نه ٿيو ته “اهو جنگ جي عمل جي برابر هوندو. هن ڪشمير کي علائقائي عدم استحڪام جو بنيادي سبب قرار ڏنو ۽ مستقبل ۾ علائقي لاءِ خود اراديت جو حق ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.










