اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف علي زرداري سان اهم ملاقات ڪئي، ذريعن موجب، شهباز شريف صدارتي محل ۾ صدر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ جي صورتحال تي تفصيلي بحث ڪيو ويو،ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم صدر کي ڀارت خلاف آپريشن جي حوالي سان هاڻي تائين جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو.










