اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته مودي جي پاڪستان مخالف مهم سندس سياسي ناڪامين جو اعتراف آهي.هن چيو ته مودي دهشتگردي کي جنگ سان ڳنڍي دنيا جي عوامي راءِ کي گمراهه ڪرڻ چاهي ٿو.سينيٽر شيري رحمان چيو ته پاڪستان مودي کي هن خطرناڪ منصوبي کي معمول تي آڻڻ جي اجازت نه ڏيندو.










